Friday 27 February 2015

سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون قومون ۽ قبيلا“ صفه”11“


پيدائش

ڪائنات جو وجود 

رب العالمين هيءَ ڪائنات ڪهڙي مقصد لاءِ جوڙي، تنهن لاءِ ڪنهن
جي به راءِ حتمي نٿي ٿي سگهي پر اهوضرور چئبو ته هن ڪائنات جي ڪابه شيءِ بغير ڪنهن مقصد جي ڪونه جڙي آهي. هي وسيع ڪائنات کرب نوري سالن تي مشمل آهي، جنهن تائين انسان جو پهڇڻ ۽ سوچڻ ناممڪن آهي. هن ڪائنات ۾ الله تعالٰي انسان کي پنهنجن هٿن سان سهڻو ڪري پيدا ڪيو آهي، جيئن هوپنهنجي رب جي عبادت ۽ اطاعت ڪري سگهي.هن سمجهڻ سوچڻ۽ڳالهائڻ جو کيس اختيار ڏئي ڇڏيو آهي.
ڪائنات ڪيئن جڙي؟تنهن لاءِسائنسدان چون ٿا ته کربين سال اڳ دنيا
۾هڪ وڏو ڌماڪو”بگ بين“ ٿيو جنهنجي ڪري ڪائنات وجود ۾ آئي.
انسان جنهن کي تخليق کان تحقيق جو حق مليل آهي تنهن پنهنجي
خليلن موجب تخليق ڪائنات جا مختلف نظريا پيش ڪيا آهن جنهن جو تفصيل مان پنهنجي ڪتاب”عظيم سنڌ“ ۾ ڏنوآهي. سنڌين،سميرين،مصرين،بابلين،آرين، يونانين، چينين ۽ ايرانين جي نظريه تخليق کان علاوه بائيبل ۾ پيدائش جو ذڪر ٿيل آهي پر قرآن شريف جيڪو حضرت محمد مصطفٰي (صه) جن تي لٿو ۽ آخري الهامي ڪتاب آهي،تنهن ۾ ان جو ذڪر هيئن آيو آهي:
  سورت الرعد آيت 16 ۾ آهي ”چئو(اي رسول)الله ئي هر شيءِ جوخالق 
آهي ۽ اهوئي اڪيلو غالب آهي“
ٻئي هنڌ هيئن ذڪرآهي”الله کانسواءِ ڪوبه عبادت جي لائق ناهي،اهوئي
 عرش عظيم جو مالڪ آهي.“(سورت النمل آيت26)
وڌيڪ پاڻ فرمايو ويو”ان جو عرش پاڻيءَ تي آهي(سورت هود آيت7) ۽
ان کي فرشتا کنيو بيٺا آهن.“سورت المومن ۾ آيو آهي”اهي جن (ملائڪ)عرش کنيو۽انجي چوڌاري پنهنجي رب جي تعريف سان گڏ انجي پاڪائي بيان ڪن ٿا.“
قرآن شريف جي سورت النور ۾ ذڪر آهي ته”الله آسمان ۽ زمين جو نور
آهي.“ (آيت35)”خدا هر جاندار شيءِ کي پاڻي مان پيدا ڪيوآهي.“(آيت45)
”ڇا اهي ماڻهو جن(نبي صه جي ڳالھ مڃڻ کان) انڪار ڪيو آهي، غور
نٿا ڪن ته هي سڀ آسمان ۽ زمين هڪ ٻئي سان مليل هئا، پوءِ اسان انهن کي جدا ڪيو ۽ پاڻيءَ مان هر زنده شيءِ پيدا ڪئي، ڇا اهي نه ٿا مڃن؟
 
 
 

Tuesday 24 February 2015

سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون قومون ۽ قبيلا“ صفه”10“


پنهنجي ذات،قبيلي ۽ ڪٽنب بابت وٽڻ جيڪا معلومات آھي، اها مون تائين پهچائڻ ۾ سهڪار ڪن، جيئن ان کي هميشھ لاءِ محفوظ ڪري سگهجي. جيڪي پنهنجي قومي اثاثن جي رکوالي ۽ حفاظت ڪندا آهن.اھي تاريخ ۾ زنده قومون سڏجن ٿيون. پر جي اهي ان کان لاتعلق ۽ غير ذميوار رهن ٿا ته پنهنجي قومي وجود تي پاڻ ئي وار ڪري چون ٿا ته الوداع _ اي_الوداع...
آءٌ سنڌي قبيلن جي فردن خاص طور ذميوارن کي اپيل ٿو ڪريان ته هو 
پنهنجي قومي ۽ اخلاقي ذميواري نڀائڻ لاءِ پنهنجو فرض پورو ڪن، پنهنجي قومي وجود تي وار ڪرڻ وارن ۾ شامل ٿيڻ بدران ان جا محافظ بڻجي حفاظت ڪن، جيئن ذاتي قبيلائي ۽ قومي سڃاڻپ ۽ تشخص برقرار رکي سگهجي ان لاءِ ضروري آهي ته اسان پنهنجي نسبتن جي حفاظت ڪريو جيڪي سنڌي قبيلن کي پاڻ ۾ اهڙي نموني ڳنڍين ٿا جيئن هڪ تسبيح ۾ مڻيا پوئيل آهن.
واڪا ڪرڻ مون وس
ايازڀاڳت
 

Thursday 19 February 2015

سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون قومون ۽ قبيلا“ صفه”9“


۽ جن وٽ آهن ان کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ انهن کي اڏو هي کائي ويئي آهي. ان مان فائدو وٺندي ڪن عالمن ۽ شجرن جي ڄاڻن، پنهنجي مرضي جي ڦيرڦار ڪري پيشي ڪيو آهي ۽ اڪثراهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌي قبيلا، سومره ۽ سمه،عرب کان آيل آهن، اهڙا شجرا تيار ڪري سنڌي ماڻهن کي گمراهي ۾ وجهي ڇڏيو، جنهن کي درست ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي وقت جي ضرورت آهي،جڏهن انهن نسبن ۽ شجرن کي ڇنڊڇاڻ ڪري حقيقي نسب نامو سامهون آڻي سگهن. انهي سلسلي ۾ مون، ڪافي کوٽ آهي ۽ اڃا تائين اڻ پورو آهي پر ان سلسلي ۾ هڪ قدم جي شروعات آهي. اميد ته سنڌي شجرن ۽  نسبن تي ڪم ڪندڙ منهنجي رهنمائي ڪندا ۽ مفيد مشورا ڏيئي ان کي مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ڪندا جيئن مستقبل ۾ اهڙو شجرو آڻي سگهجي جنهن ۾ سڀني سنڌي قبيلن جو هڪ ٻئي سان تعلق هجي ۽ پورو مڪمل ۽ تصديق شده شجرو هجي. اميد ته انهي سلسلي ۾ نه رڳو منهنجي ڪندا پر مڪمل ساٿ ۽ علمي سهڪار پڻ ڪندا. جڏهن قومن، قبيلن ۽ انهن جي فردن کي پنهنجي ذميواري جو احساس ٿيندو ته اهو ڪم تمام جلد۽آساني سان ٿي ويندو،ڇاڪاڻ سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي سڃاڻپ جي جيتري ضرورت اڄ آهي شايد ماضي ۾ اهڙو وقت نه آيو هجي! پر جي ايئن لاتعلق ۽ فرض نڀائڻ کان لاتعلق رهياسين ته پوءِ اسان جو خدا حافظ آهي ۽ ذهني طور ٻي ڪنهن قوم، قبيلي جو حصو ٿيڻ لاءِ تير ٿي وڃون ۽ پنهنجي قومي وجود مٽائڻ جا پاڻ ڏوهاري ٿيڻ قبول ڪيو.
جنهن نازڪ موڙتي هينئر سنڌجا ماڻهو اچي پهتا آهن جتي هڪ طرف 
وجود جي مٽجڻ جو بندوبست ٿيل آهي ۽ ٻي طرف بقاءَ ۽ سلامتي آهي. رستو منتخب ڪرڻ پنهنجي وس ۽ مرضي تي منحصر آهي.جيڪڏهن ٻيو رستو اختيار ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ پنهنجي تاريخ، قبيلائي سڃاڻپ ۽ حسب نسب جي ڄاڻ هجڻ ضروري آهي ۽ اها وقت جي ضرورت آهي. انهي ڪري مون ڪوشش ڪري سنڌ ۾ رهندڙ قبيلن جي حسب ۽ نسب جي حقيقت کي ظاهر ڪيو آهي جيئن پنهنجي اصليت کي وساري نه سگهن.ڪن کي ته سچ تلغ لڳندو پر دل ۾ ضرور چُڀندو ته اها حقيقت آهي.
مون کان جيتري قدر ٿي سگهيو آهي ذاتين ۽ قبيلن بابت جيڪا معلومات
۽ ڄاڻ علمي طور۽ ذاتي طور ملي آهي ان جي روشني ۾ ان ذات جي بڻ بنياد ۽ حسب نسب تي لکيو آهي پر ان هوندي به ڪيتريون ڳالهيون ۽ حقيقتون رهجي ويون هونديون،انجو سبب سهڪار جي کوٽ آهي جنهن لاءِ سنڌ جو ماڻهون تيار نه آهي.فرض کان لاتعلق ۽ غير ذميوار آهي.
مون انهن قبيلن ۽ جي فردن جن جو انهن سان تعلق آهي، خاص، ثانوي۽
غير ثانوي طور انهي دائري ۽ حلقي ۾ اچن ٿا، تن کي گذارش ڪريان ٿو ته هو 
ايازڀاڳت 
 
 

سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون قومون ۽ قبيلا“ صفه”8“


بلوچ دراصل ٻل لوچ ٻل معنيٰ، سگھ، طاقت، لوچ،سيني يا سينو. مطلب ٿيو
سيني واري طاقت ۽ سگھ جيئن ته ايراني فوج جو هر اصل دستو سنڌي جوانن تي مشتمل هوندو هو. انهي ڪري فردوسي ان جو ذڪر ڪوچ ۽ بلوچ جي تشبيھ سان ڪيو آهي، جنهن جو مطلب آهي، جبل جي طرف کان سنڌين جو آيل مددي لشڪر.
 ھاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌي قبيلن جي حسب،نسب
۽ شجرن کي درست ڪرڻ گهرجي ۽ غلط روايتن کان جند ڇڏائڻ گهرجي سنڌين کي پنهنجي رسم، رواج۽ ثقافت جي پوئواري ڪرڻ گهرجي، جيئن سنڌ ۾ هلندڙ ڪاروڪاري جي ڪاروبار کان لاتعلق ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اها رسم و رواج اسان سنڌين جو نه آهي بلڪ ٻاهران ايندڙ قومن جي رسم ۽ رواج کي پنهنجي رسم و رواج ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.
جڏهن ته قديم دئور کان وٺي سنڌي قبيلن وٽ عورت جو احترام آهي ۽
انهن واسطي الڳ ڪمرو هوندو هو. سنڌي ماڻهو عام طور تي ڌي کي نياڻي چوندو آهي ۽ سندس مانُ پُٽ جي برابر هوندو آهي ۽ کيس سڏيندا آهن پٽڙي معنيٰ پٽ يا پٽ جهڙي، جڏهن ته ٻين قبيلن ۾ عورت جي ثانوي حيثيت به نه هوندي آهي.
مهين واري دئور ۾ عورت يا ڪنواري کي اها اجازت مليل هئي ته هو
پنهنجي مرضي سان شادي ڪري، اهڙو ذڪر رگ ويد منڊل ڏهين ۾ ٿيل آهي. پر ان جو اهو مطلب ڪونهي ته ڪو سنڌي قبيلن جي رسم و رواج ۾ عورت ڇڙواڳ آهي پر هن جي عزت ۽ ناموس جو به ذمو کنيل آهي. اسان کي پنهنجي معاشري مان بريون رسمون ڪڍڻ گهرجن ڇاڪاڻ ته سنڌي سماج جو اهو حصو ئي نه آهن. اهڙي طرح سان جرگو، سردار، ڏاڍمڙسي، بي حيائي ۽ تنگ نظري اسان جي سماج جو حصو نه آهي پر ٻاهران درآمدٿيل آهي. جنهن ۾ خواري ۽ رسوائي کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه آهي. زنده قومون تڏهن پنهنجي حيثيت ۽ قومي سڃاڻپ برقرار رکي سگهنديون آهن، جيڪي پنهنجن وڏن جي اصولن تي ڪاربند رهنديون آهن،جيڪڏهن اسان ان تي عمل نه ڪيو ته هڪ ڏينهن پنهنجي قومي حيثيت وڃائي ويهنداسين ڇاڪاڻ ته ڪنهن به قبيلي جي قومي حيثيت تڏهن برقرار رهندي آهي جڏهن انهن وٽ پنهنجي رسم و رواج سان گڏ، پنهنجي ثقافت، پنهنجي ٻولي، پنهنجي حيثيت پنهنجي تاريخ ۽ پنهنجي ڌرتي جو هجڻ لازمي آهي. جيڪڏهن انهن مان ڪابه هڪ شيءِ نه آهي يا وري ڌارين جو عادتون پنهنجون ڪيون ته هڪ مڪمل قوم سڏائڻ جا حقدار نه آهيو مطلب ته پنهنجي قومي حيثيت بر قررار رکڻ لاءِ پنهنجي خانداني،قومي فرض جي پوئواري ڪرڻ تمام ضروري آهي.
سنڌي قبيلن جا فرد پنهنجي احساس ذميواري جا فرض کي وسارينداٿا
وڃن، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته نئين ٽهي وارن کي پنهنجي حسب ۽ نسب جي ڪابه خبر ۽ معلومات نه آهي، جڏهن ته هڪ طرف اسان وٽ صحيح شجرن جي کوٽ آهي.
ايازڀاڳت 
 
 
 

Tuesday 17 February 2015

سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون قومون ۽ قبيلا“ صفو7“


لاءِ جيسين سنڌي لشڪر پهچي پنهنجي سرحدن جي حفاظت ڪري تيستائين انهن لڪن ۽ علائقي ۾ رھندڙ سنڌي قبيلا انهن جي راھ روڪينداهئا. ان واسطي آخري سرحد کيرٿر جا هيٺيان جبل هوندا هئا جتي وقت جي حاڪمن سنڌي قبيلن کي مستقبل طور رهائي ڇڏيو هو جيڪي اڄ به  گوادر کان وٺي سون مياڻي، حب، لسٻيلي واري علائقي کان وٺي موجوده ڪوهستان، ڪاڇي ۽ ڪڇي کان وٺي ڪول پور تائين موجود آهن. خاص طور کيرٿر جي جبلن جا هيٺاهين وارا علائقه معنيٰ جبل جي ڪڇ، جن کي مختلف هنڌن تي مختلف نالن سان سڏيو ويو، جيئن، ڪوهستان، ڪاڇو ۽ ڪڇي انهن کي گڏيل طور ٻروچ چيو ويو، معنيٰ ”سنڌ جي فوجي طاقت جو هر اول دستو“.
  جنهن کي سنڌ جي نالي ماتر خيرخواھ علمن اهو چيو ته،ٻروچ معنيٰ،
بلوچ، اهڙي طرح مرحوم مولائي شيدائي جنت السنڌ ۾ لکيو ته روهيلا معنيٰ بروهي ۽ هن بروهي ۽ بلوچ لشڪر ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن تاريخ جي عالمن، محققن مثال ڏيئي اهو ثابت ڪيو آهي ته روهيلا دراصل افغانستان جي نسلي ماڻهن کي سڏيو ويو آهي پر هتي ان کي بروهي ۽ بلوچ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، دراصل اهي سڀ ڪوششون ۽ غلط بيانيون ان ڪري هيون ته جيئن بلوچ قبيلن جي اقليت کي اڪثريت ۾ تبديل ڪجي. جنهن ڪري هنن اصل سنڌين کي بلوچ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ هيراڦيري ڪئي. ٻروچ ۽ بلوچ جي فرق کي سمجهڻ لاءِ سنڌ جي جاگرافي بيهڪ کي مدنظر رکيو وڃي.
شاهنامه فردوسي ۾ جنهن ڪوچ۽ بلوچ جو ذڪر ٿيل آهي، ان وقت ۾
ڪنهن بلوچ قوم ۽ ذات جو ڪنهن به تاريخ ۾ ذڪر ڪونه آهي بعد ۾ بلوچ تي تحقيق ڪندڙ ۽ ان جي گهڻ گهرن بلوچ لفظ مان فائدو وٺندي ان کي بلوچ قبيلي سان منسوب ڪري ڇڏيو، ايران جي تاريخ پڙهڻ کان پوءِ اها حقيقت سامهون اچي ٿي ته دراصل اهو دستو ايران فوج ۾ سنڌين جي بهادر قبيلي جت جو لشڪر هو. ايراني فوج ۾ سنڌي سائرس کان وٺي شامل هئا ۽ دارا اعظم جي فتوحات جو سهرو سنڌين جي سرهو. سڪندر مقدوني سان ارمابيل جي ميدان تي مهاڏو اٽڪائڻ وارا سنڌي هئا. نوشيروان جي فوج ۾ سنڌي قبيلن جا جٿا هئا، راءِ گهراڻي وارن نوشيروان کان وٺي خسروپريز تان ايرانن جي برابر مدد ڪئي ۽ جنگ قادسيه ۾ ايران پاران عرب ۽ اسلامي لشڪر سان سنڌي قبيلا ۽ جت وڙهيا هئا، ايران جي مدد ڪرڻ جي سبب ڪري عربن سنڌ کي فتح ڪرڻ ضروري سمجهيو هو.
ايران جي فوج پريڊ ۾ سنڌ جي جتن جو لشڪر قومي آن ۽ بان سان
موجود هو. جيئن ته هو سنڌ مان جبل جاڳي ايران پهتا هئا ان ڪري کين فردوسي ڪوچ ۽ بلوچ چيو جنهن جو مطلب هو پري کان آيل ٻانھ ٻيلي. فردوسي جي ڪوچ ۽ بلوچ جي لفظ جو اصل مفهوم هي آهي.
ڪوچ. ٻاهران آيل. جبل واري پاسي کان
ايازڀاڳت

Thursday 12 February 2015

سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون قومون ۽ قبيلا“ صفو6“

اهڙي طرح شيدي ۽ مڪراني چون ٿا ته،”هو اسان مان هو، پر حقيقت اها آهي ته هو نه بلوچ آهي نه خاصخيلي نه شيدي ۽ نه مڪراني، هن جو اصل ۾ قريش قبيلي سان تعلق هو، سندس قبر لسبيلي واري علائقي ۾ آهي جتي هو فوت ٿيو. هو ڪنهن بلوچ فوج جو جرنيل نه پر عرب فوج جو سپھ سالار هو. مولائي مرحوم کي ڪٿان الهام ٿيو ته هو بلوچ هوان جو ڪوبه حوالو ڪونهي ۽ نه ئي وري تاريخ جي ڪتابن ۾ هن کي بلوچ يا بلوچ فوج جو سپھ سالار چيو ويو آهي.“
اهڙي طرح هن سنڌ جي جتن سان گڏ بلوچن کي به گڏي ڇڏيو جن  جنگ قادسيه ۾ ايرانن جي شڪست کان پوءِ اسلام قبول ڪيو هو. تاريخن واضع نموني لکيو آهي ته اهي زط معنيٰ سنڌي جت هئا، پر مولائي شيدائي انهن سان بلوچ کي الاهي ڪاڏانهن آڻي گڏ ڪري ڇڏيا، اهڙي طرح بروهن ۽ بلوچن هٿان سمه سلطنت جي حاڪم جي شڪست جوذڪر ڪيو آهي ته،”اهو ڪوڙ ڳالهايو آهي جنهن جي اڄ تائين ڪابه ثابتي ڪونهي.“اهڙي طرح هن سنڌي قبيلن سان هڪ غلط بياني جو آغاز ڪيو. جڏهن ته انهي دئورن ۾ سنڌ ۾ بلوچن جو ڪوبه نانءٌ ۽ نشان ڪونه هو. مولائي شيدائي سنڌي قبيلن وارن سان ويساھ گھاتي ڪئي، ان کانپوءِ موجوده دئور ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ته حد ڪري ڇڏي آهي. هن جي عينڪ جو نمبر بلوچ نمبر آهي ۽ سنڌ ۾ سنڌي ماڻهون، فرد، ذاتيون ۽ قبيلا ڳولهيا به نٿا ملن. هن سنڌي سورمن کي غلط ۽ من گهڙت روايتن جي بنياد تي غير سنڌي قرار ڏنو آهي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن هڪ طبقو باقاعده رٿابندي سان سنڌي قبلين جي حقيقت، بڻ بنياد ۽ حسب نسب سان هٿ چراند ڪندو رهي ٿو، انهي صورتحال ۾ اهو ضروري نه پر لازم آهي ته سنڌي قبيلا، پنهنجي نسلياتي سڃاڻپ ڪرڻ وارن جو نه رڳو احتساب ڪن پر انهن جي غلط بياني جي ڀرپور مزاحمت ڪن، جيئن مستقبل ۾ پنهنجي قومي حيثيت بر قرار رکي سگهن.
سنڌي قبيلا ۽ اتيون سنڌ جي جا گرافيائي بيهڪ سان به سڃاڻا ويندا آهن، جيئن ٿري، لاڙي، چولائي، ڪڇي، اترادي،ڪوھستاني ۽ ڪاڇائي. اهڙي طرح سنڌي جي اولھ ۾ کيرٿر جبل جي سلسلي ۾ رهندڙ سنڌين کي ٻروچ چيو ويندو آهي، جيڪو بنيادي لفظ ”بل“ ۽”لوچ“ مان نڪتل آهي. ”ٻل“ معنيٰ ”سگھ، طاقت“ ، ”لوچ“ جي اصطلاحي معنيٰ آهي،”سينو“ مطلب ٿيو ”سيني جي طاقت“. فوج جو هر اول دستو، بچاءٌ ۽ دفاع ڪرڻ وارن جو رستو جيڪي ڪنهن به ڪاھ کي وطن جي اندر پهچڻ کان اڳ ۾ روڪڻ وارا، مهاڏو اٽڪائڻ وارا، رستو روڪڻ وارا،پر ڪن عالمن انهن کي به بلوڇن ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو مفهوم عام ڦهلائي ڇڏيو آهي ته ٻروچ معنيٰ بلوچ ۽ بلوچ معنيٰ ٻروچ پر حقيقت ۾ ايئن نه آهي.تاريخ راءِ گھراڻي کان به اڳ ۾ سنڌ جي اولهندي واري سرحد کان ايراني ۽ پوءِ عرب سنڌ تي ڪاھي آيا جيڪي جبلن جي لڪن کي يار ڪري سنڌ جي شهرن ۽ تخت گاھ تي پهچندا هئا. جيهن جي حملن کي منهن ڏيڻ ۽ روڪڻ
ايازڀاڳت
 

Wednesday 11 February 2015

سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون قومون ۽ قبيلا“ صفو”5“


جتي علمي مدد ڪرڻ وارا مهربان ۽ سڄڻ مليا اتي اهي به هئا جن وٽ معلومات ۽ ڄاڻ نه هئي پر هو پنهنجي طرفان ڪجھ به ٻڌائڻ لاءِ تيار نه هئا سندن خيال هو ته انهن جي ڄاڻ مان ٻيو ڪوئي فائدو يا لاڀ ڇو حاصل ڪري،شايد اهو به خيال هجين ته هو پنهنجي ذات متعلق اهڙو ڪتاب لکن، اتي اهڙا به مهربان مليا جن جو خيال هو ته ذات جي پاڙي جي به خبر نه هئي. اهڙي صورتحال ۾ جهر، جھنگ، شهر،واهڻ ۽ وٿاڻ جاڳڻ نه صرف تڪليف ده هئا پر اجايا پڻ هئا، ان هوندي به ڪوشش ڪئي ته ڪٿان نه ڪٿان ذري برابر معلومات ملي وڃي ته بهتر آهي. جنهن ذات ۽ قبيلي وارن کي پنهنجي نسلياتي ڄاڻ نه هجي ۽ نه وري ان ۾ دلچسپي هجي ته انلاءِ ڇا چئي سگهجي ٿو.جنهن کي پنهنجي حسب ۽ نسب جي ڄاڻ نه آهي اهو ھڪ جانور ۽ ڊور وانگر آهي.
ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ ذات،حسب،نسب ۽ قبيلائي سڃاڻپ، جو
ذڪر ڪيو آهي،جيئن پاڻ کي سڃاڻي سگهجي. پر افسوس ته سنڌي قبيلن سان تعلق رکندڙ ان جي اهميت کان اڻ واقف آهن، ۽ مستقبل ۾ اهڙو وقت به اچي سگھي ٿو ته جڏهن سنڌي قبيلا پنهنجو حسب نسب ۽ سڃاڻپ وساري ڪنهن ڌارئي ذات يا قبيلي جو بڻ بنياد بڻجي وڃن ۽ ان جو نتيجو اهو نڪري ته سنڌ ۾ سنڌي اقليت تبديل ٿي وڃي ۽ ڳاڙهن ۾ سنڌين کان وڌيڪ حالت خراب ٿي وڃي ۽ سنڌ جي مالڪي تان هٿ ڌوئڻان پون ته اهو وقت ڪهڙو نه خراب هوندو؟! 
 سنڌي نسل جا ماڻهو، فرد(ذاتين وارا) ۽ (َقبيلن وارا) پنهنجي جي احساس ذميواري نه نڀائڻ جي ڪري غلام ٿي ويندا يا ڌرتي ڌڪاڻا ٿيندا. انهي ڪري سنڌ جي خاص ڪري سنڌي قبيلن جي ذميوار ۽ سڃاڻ فردن جو ذمو آهي ته هو پنهنجون ذميواريون وقت سر ۽ مهل سان نڀاهي پنهنجي مستقبل کي بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن. ڪٿي ائين نه ٿئي ته سنڌي ماڻهو رڳو مثالن ۾ رهجي وڃون!!
 سنڌي قبيلي سان نسلياتي ويساھ گهاتي جو بنيادي مرحوم رحيم داد
مولائي شيدائي وڌو، جنهن سنڌيءَ جو روپ اختيار ڪري غلط بياني جي شروعات ڪئي ۽ جنت السنڌ ڪتاب ۾ انتها ڪري ڇڏي. هن هڪ هنڌ لکيو آهي ته محمد بن هارون مڪراني سان ٽي هزار جانباز بلوچ هئا ۽ کيس بلوچ جرنيل ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،هيءٌ اهو محمد بن هارون آهي جن لاءِ خاصخيلي جي دعويٰ آهي ته هو خاصخيلي هو.
ايازڀاڳت

Monday 9 February 2015

”سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون قومون ۽ قبيلا“ صفو”4“

جيءَ مان


(ٻي ڇا لاءِ پيش لفظ)

هيءٌ ڪتاب”سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون، قومون ۽ قبيلا“ جي پهرين ايڊيشن کي توقع کان وڌيڪ موٽ ملي جنهن ڪري هن جو ٻيو اڊيشن جلد ڇپائي هيٺ آڻڻو پيو. هن ايڊيشن ۾ نه رڳو سڌاريو ڪيو ويو آهي پر ان سان گڏ ان ۾ اهم ذاتين جو پڻ اضافو ڪيو ويو آهي.
پهرين ايڊيشن جي ڇپجڻ کان پوءِ جهڙي نموني سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڀرپور موٽ ملي اها به خلاف توقع هئي. سوين خط ۽ موبائيل فون منهنجو حوصلو وڌائي ڇڏيو ته مان ان موضوع تي وڌيڪ تحقيقي ۽ علمي ڪم ڪريان جنهن ڪري مون سنڌ جي مختلف دوستن ۽ ساٿين سان معلوماتي رابطو وڌايو ۽پنهنجي سر انهيءَ ڪم ۾ جنڀي ويس. جنهن کان پوءِ ڄاڻ ۽ معلومات ۾ ايترو اضافو ٿيو جو هن جا پيج ڪتاب يعني پنج جلد لکي سگهجن ٿا، جيڪي انشاءالله تعاليٰ وقت سر سڄڻن جي هٿن ۾ هوندا.
جتي هن ڪتاب جي ساراھ ۽ تعريف ٿي اتي تنقيد به ٿي،ڪنهن کي حقي
 نه آئي، ڪنهن کي سچ نه وڻيو، پر ان جي باوجود به سنڌ مان صرف اهڙا ٽي دوست هئا جن مان هڪ دوست ملڪ محسن خاصخيلي اهو لکيو ته،”خاصخيلي ذات جو هڪ ته احوال نهايت مختصر آهي ۽ اهو حقيقت تي ٻڌل نه آهي. سندس خيال هو ته خاصخيلي قريشي عرب آهن ۽ ائين لکيو وڃي.“ پر منهنجي تحقيق ۽ علمي طور جيڪا ڄاڻ هئي ان مطابق مون گذارش ڪئي آهي، جيئن پڙهندڙ پاڻ پڙهي، منصفانه فيصلو ڏيئي سگهن. ٻي دوست خيرپور جي الله بخش گوپانگ کي سنڌي ٿيڻ تي ڏاڍي چڙ۽ ڪاوڙ هئي،جنهن پنهنجي طرفان ڪن ڪتابن جا حوالا ڏياري موڪليا پر ان دوست ساڳن ڪتابن کي شايد اڳتي نه پڙهيو هو. ان کانسواءِ نوابشاھ جي شوڪت جوڻو صاحب جو رايو هو ته جوڻو ذات وارا نسلن سنڌي نه آهن ۽ هنن جو تعلق يونان سان آهي.
باقي بن سون مهربانن ، اهڙي ڪتاب لکڻ تي نه رڳو واڌايون ۾ پنهنجي ڀرپور سهاري جو واعدو ڪيو. انهن ۾ خاص طور تي محترم غلام محمد لاکو صاحب،محترم حاجي خان چاچڙ، ڪنڌ ڪوٽ، محترم راجا آفتاب ڀٽي نوابشاھ، محترم ماستر محمد صادق پالاري جھمپير، محترم منور ارباب هالو ڪراچي، محترم رحيم جوکيوم ٺٽو۽ ٻيا نمايان آهن جن نه رڳو علمي معلومات ۾ اضافو ڪيو پر مفيد مشورا به ڏنا، انهن کانسواءِ آءٌ محترم عطا محمد ڀنڀرو،غلام عباس ڀنڀرو ، خيرپور محترم گل حسن ڪلمتي ڪراچي، محترم غلام نبي لاکو قاضي احمد، محترم عبدالقيوم لطيفي نوناري ٽنڊو محمد خان، محمد فقير محمد مقيم ڪنڀار مٺي،محترم راجا سرور سلهريا جھلم، ،حترم مهر محمد ٻخش نول فيصل آباد، محترم گل حسن سيٺارميرپور ماٿيلو، محترم اميد علي سيٺو ٽندو محمدخان۽ ٻيا سوين مهربان ساٿي جن علمي طور ساٿ ڏنو جو هن ڪتاب لکڻ جي لائق ٿيس.
ايازڀاڳت 

Sunday 8 February 2015

”سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون قومون ۽ قبيلا“ صفو 3"


آرين واري سماج ۾ جن سنڌين آڻ نه مڃي۽ آخر تائين وڙهندا رهيا تن کي داسيو ۽ شودر سڏيوويو. انهي دور ۾ يقيناََ ڪيتريون ذاتيون پنهنجو پيشو بدلائي زندگي جو گذر بسر ڪرڻ لڳيون جنهن ڪري انهن جون اصل ذاتيون نون نالن سان سڏجڻ ۾ آيون، اڄ به هندوستان ۽ سنڌ ۾ آرين جي دور جون قديم ذاتيون ۽ قبيلا موجود آهن. اهڙي طرح جڏهن عرب سنڌ تي جاهي آيا ته هتان جي ماڻهن جن جو اصل مذهب ”ٻڌ“هو تن برهمڻ سماج ۽ مذهب کان نفرت ڪرڻ سبب اسلام قبول ڪيو ۽ انهن پنهنجو حسب نسب عرب سان ڳنڍي ڇڏيو، ويتر جو انهن هڪ ٻئي سان مٽيون مائٽيون ڪيون ته اصل نسب گم ٿي ويو ۽ عرب نسل وارن جي گھڻائي نظر اچڻ لڳي جنهن ڪري ڪتابن ۾ بغير ڪنهن تحقيق ڪرڻ جي اصل مقامي ماڻهن کي عرب نسل جو لکيو ويو ۽ سندن شجرو ڪنهن عرب جي معتبر ۽ بااثر ماڻهو، ڪٽنب يا قبيلي سان ڳنديو ويو، جيئن پنهور دائي حليمان جو اولاد چورائن ٿا. سماٽ جو شجرو قريش قبيلي سان ڳنڍيو ويو، سومرن کي سامره لکيو ويو. اهڙي طرح سان سنڌ جو اصل ۽ قديم نسل ڳوليو به نّّظر نه آيو. 
سنڌ جي اصل تاريخ اڄ تائين مڪمل نه ٿي سگهي آهي جنهن ڪري هتا
جي ماڻهن ۽ نسل بابت حتمي ۽ هڪ  راءِ جڙي نه سگهي آهي. جيڪو ڪجھ لکجي ڇپجي اسان جي سامهون آيو آهي اهو انهن مور خن ۽ ليکڪن جي معلومات آهر آهي جن قبيلن جي روايتن،قصن،ڪهاڻين ۽ ڏندڪٿائن مان حصل ڪيو آهي. اهي قصا ۽ ڪهاڻيون وقت جي حالتن موجب تنديل ٿيندا رهندا آهن، جنهن ڪري سنڌ جي قبيلن ۽ذاتين جو اصل نسب سنڌ جي اوائلي قومن بدران ٻاهرين ۽ زورآرو قومن سان ڳنڍيو ويو.
نسل جي نسب مٽجڻ يا نسبي سڃاڻپ بدلائڻ جا هيٺيان سبب آهن؛

  1. سنڌين جون غيرن سان مٽيون مائٽيون ڪرڻ، جيئن عربن ۽ سنڌين هڪ ٻئي کي سڱ ڏنا ۽سنڌين جا ناناڻا عرب ٿي ويا جن جي بادشاهت اسپين کان وٺي سنڌ تائين قائم هئي. اها حڪمران قوم هئي، جنهن ڪري سنڌين پنهنجي ذات بدران ناناڻن واري عرب ذات جو سڏرايو جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته ٻن ٽن پيڙهين کان پوءِ پنهنجي اصليت جي خبر ڪونه رهي.
  2. تاريخ نوريسن جون غلط فهميون جن جنهن به قبيلي ۽ ڪٽنب کي بهادر ڏنو تنهن کي ڪنهن غير ملڪي بهادر قبيلي سان ڳنڍي ڇڏيو.
  3. هڪ قبيلي جو ٻي قنيلي سان گڏ رهڻ ڪري، گھٽ تعداد وارن جو گھڻي تعداد وارن ۾ شامل ٿين.
  4. پاڻ کي ڪنهن به سبب ڪري گھٽ ذات سمجھڻ، انهيءَ ڪري ڪنهن ٻي وڏي ذات وارن مان چورائڻ.
  5. غيرن ۽ڌارين جي مسلسل اچڻ ڪري، حمله آورن جي عذاب کان بچڻ لاءِ ذات کي تبديل ڪرڻ، ڪنهن به ڌاري ذات وارو سڏائڻ.
هنن ۽ ٻين ڪيترن سببن ڪري هتي ذاتيون، مختلف قبيلن ۽ هڪ جهڙيون نظر اچن ٿيون. دنيا جي ڪابه قوم خالص نسل رهي ئي ڪونه آهي جو سنڌ وارن کي خلص نسل سڏجي پر جيئن ته هتي پدري نّظام رائج آهي تنهن ڪري نسل به ان جو سڏجي ٿو، انهي ڪري پڪ سان چئون ٿا ته سنڌ ۾ رهندڙ اوائلي ذاتين جو نسب،ڌارين جي لوڌن جي اچڻ باوجود اڄ به اڪثريت سان آهي،جيڪي ڪٽنب،خاندان،پاڙي،ذات قبيلي ۽ هڪ سنڌي قوم جي صورت ۾ رهن ٿا. 

 اياز ڀاڳت






Saturday 7 February 2015

”سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون قومون ۽ قبيلا“ صفو 2"


هت اهو رواج ۽ دستور بڻجي ويو آهي ته اڪثر عالمن کي سنڌ ۾ هر شيءِ ٻاهر کان ايندڙنظرايندي آهي. جيڪڏهن سنڌ کي آباد ڪندڙ ٻاهران آيا، سنڌ جي تهذيب جو بنياد ڌارين وڌو ته پوءِ انهن کي سنڌ جون قومون ۽ سنڌ جي تهذيب ڪيئن سڏيون، انهن کي ته آسٽريلوي، منگولي، آرين، سٿين، ايراني، عراقي وغيره ماڻهن جي تهذيب سڏڻ گھرجي! سنڌ جو نالو سنڌ نه پر انهن مان ڪنهن هڪ جي نالي پويان سڏڻ گھريو هو! حقيقت اها آهي ته اهو رواج ۽ پيروي بڻجي ويئي آهي ته جتي به پهريان جيڪا شيءِملندي آهي، ان جي پويان ملندڙ شيون ان جي نالي پويان سڏيون وينديون آهن ۽ اهو نه ڏٺو ويندو آهي ته پهرين شيءِ قديم آهي يا ٻي ملندڙ شيءِ ان کان به قديم!
اولھ جي اڪثر ماهرن سنڌ جي قديم قومن کي غير ملڪي قرار ڏنو آهي. ان جو مطلب ته هي ڌرتيءَ جو ٽڪرو خالي يا ويران هو! جڏهن ته اصليت اها آهي ته هي ڌرتي انسان جي ماتر ڀومي آهي دنيا جي پهرين مقتول ۽ قاتل هابيل ۽ قابيل جو تعلق هن ڌرتي سان هو، جنهن جو ثبوت ڪانءٌ جو سبق ۾ ملي ٿو، جنهن جو ذڪر ڪتاب ۾ ملندو. حضرت آدم عليه السالام سان مور جو به ذڪر ٿيل آهي. مور شروع کان وٺي سنڌ ۾ آهي. يورپ وارن کي مور جي ڄاڻ سڪندر مقدوني جي اچڻ کان پوءِ پئي جڏهن اهو پکي تحفي طور اوڏانهن اماڻيو ويو. سميرين جي ڪتبن ۾ مور متعلق ڪوبه ذڪر ڪونهي پر مهين وارين مهرن تي ٻيڙيءَ ۾ ويٺل مور نظر اچي  ٿو جيڪو سنڌي مهاڻا پاڻ سان گڏ کڻي ويندا هئا.
سنڌ کي آباد ڪندڙ سنڌي هئا جيڪا هنن جي ماتر ڀومي هئي، انهي خاصيت ڪري ته هي مهمان نواز هئا، اها خوبي ۽ خصلت اڄ به اها آهي جيڪا هزارين سال اڳ هئي. ،هين واري گاڏي اڄ به واهڻن ۽ ڳوٺن ۾ ،وجود آهي. ،هين جا ماڻهو پاڻيءَ کي زندگيءَ جو سرچشمو سمجھندا آهن، اڄ نه اها صورتحال آهي. قرآن شريف ۾ صاف صاف چيل آهي ته ”هر جاندار شيءِ پاڻيءَ مان پيدا ڪئي ويئي آهي“.انهي ڪري پهريان انسان پاڻيءَ کي آب حيات ۽ زندگي جو سرچشمو سمجھي ان جي عبادت ڪئي. مهين وارن حوضن ۽ گھر گھر کوهن واري رواج ثابت ڪيو آهي ته قديم سنڌين وٽ پاڻي جو ڪيڏو نه قدر هو، سنڌ جا پهريان پروهت پاڻيءَ جا پوجاري هئا. اڄ تائين پاڻي جي پوجا جي رسم گنگا ۽ جمناتي ادا ٿيندي اچي ٿي. سنڌ ۾ سنڌوءَ تي ائين ٿيندو هو پر جڏهن هت مسلمانن جي گھڻائي ٿي ويئي ته اها رسم ختم ٿي ويئي. لڪيءَ جي چشمن ۽ منگھي پير وٽ پاڻي جا پوجا ٿيندي هئي انهي کانسواءِ سکر وارو ساڌ ٻيلو پڻ پاڻي جي پوجا جو مثال آهي.
توريت ۾ جنت مان نڪتل جن چئن دريائن جو ذڪر ٿيل آهي انهن مان هڪ سيحون نالي آهي. عالمن جو چوڻ آهي ته اهو سنڌو دريا آهي.
اياز ڀاڳت 
 

Friday 6 February 2015

”سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون قومون ۽ قبيلا“ صفو 1


۽ڪجھ
قومن، قبيلن، ذاتين ۽ خاندانن جي حسب نسب جي تڏهن ضرويت پوندي آهي جڏهن انهن مان قومي غيرت ۽ سڃاڻپ  ختم ٿي ويندي آهي يا ان جا آثار ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهن. سنڌ ۾ پنهجي ذات بدلائڻ يا ڪنهن ٻي ذات وارو سڏرائڻ يا وري ٻي ڪنهن قوم قبيلي سان پنهنجو نسب ملائڻ جو رواج ٿي ويو آهي.مون کي محسوس  ٿئي ٿو ته هڪ ڏينهن سنڌ ۾ سما، جت ۽ مهاڻا قبيلي سان نسبت ٻڌائڻ وارو هڪ به نه هوندو، انهي صورتحال  ۾ سنڌي قبيلن جي نسل مان هجڻ با وجودسنڌين جو وجود ختم ٿي چڪو هوندو ۽ ٻين قومن وانگر انهنجو ذڪر ڪتابن ۾ حوالن طور ملندو. انهي ڪري مان محسوس ڪيان ٿو ته سنڌين کي پنهجي نسب جي ڄاڻ متعلن جيڪا ضرورت اڄ آهي اها آرين،ايرانين،منگولن،يونانين،عربن،مغلن،ارغونن،ترخانن۽ٻين ڌارين جي وقت ۾ ڪونه هئي،ڇاڪاڻ ته اهي هڪ ته ايڏي وڏي تعداد ۾ هت ڪو نه آيا هئا ۽ ٻيو وري هنن پنهنجي ذات ۾ سنڌين کي زوري شامل ڪونه ڪيو هو.البته اڳتي هلي اهي ئي سنڌي قبيلن،ذاتين ۽ماڻهن سان شامل ٿي ويا پر اڄ هر طرف کان سنڌ جي قبيلن وارا پنهنجو وجود وڃائي رهياآهن۽ٻين قومن جو حصو ٿي رهيا آهن، اهو عمل اسان کي زوال طرف وٺي وڃي رهيو آهي.
انهيءَ صورتحال جي ڪري ضروري ٿي پيو ته سنڌي قومن،قبيلن،ذاتين متعلق جيڪا معلومات ملي سگھي ان کي گڏ ڪري سندن حسب نسب سامهون آڻجي. اهو ڪم ڏاڍو ڏکيو هو پر مان پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪئي آهي ته جيترو ممڪن ٿي سگھي سنڌين جي اصل ذاتين بابت تفصيل گڏ ڪري سندن نسب نامون سامهون آڻجي جيڪا انهن جي سڃاڻپ آهي.آءٌ سمجهان ٿو ته ان سلسلي ۾ مون کان ڪيتريون ڪوتاهيون ۽ غلطيون به ٿيون هونديون ۽ ڪٿي معلومات به اڻ پوري هوندي. جيئن ته هيءَ منهنجي شروعاتي ڪوشش آهي، ان ڪري جنهن به پڙهندڙ ۽ عالم حضرات کي جيڪا ٻه معلومات هجي، ڪابه درستگي ڪرڻ ضروري سمجهڻ ته منهنجي رهنمائي ڪرڻ فرمائين. ان لاءِ ضروري حوالن۽ معلومات سان تفصيل لکي مڪلين جيئن مان اڳتي ان کي درست ڪري واڌارو ۽ سڌارو آڻي سگهان.
اياز ڀاڳت