Sunday 1 March 2015

سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون قومون ۽ قبيلا“ صفه”12“



اسان زمين تي جبل ٺاهيا ته زمين انهن (ماڻهن) کي وٺي هلڻ نه لڳي.ان ۾ ويڪرا رستا ٺاهيا (جيئن) شايد ماڻهو پنهنجي رستو معلوم ڪن ۽ اسان آسمان کي هڪ محفوظ ڇت ٺاهيو پر هي آهن جيڪي انهن نشانين طرف توجه ئي نه ٿا ڪن ۽ اهو الله ئي اهي جنهن رات ۽ ڏينهن ٺاهيو، سچ ۽چنڊ پيدا ڪيو، سڀ هڪ هڪ فلڪ ۾ تري رهيا آهن.“
قرآن شريف جي سورت مريم ۾ وڌيڪ ذڪر هيئن آهي”اهورب آهي 
آسمان ۽ زمين جو ۽ انهن سڀني شين جو جيڪي آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ آهن.الله  تعالٰي پهريون آسمان خلقيو ۽ پوءِ زمين کي پيدا ڪيو ۽ ان (آسمان) کانپوءِ زمين کي وڇايو.“
(سورت النازعات آيت30)
ٻي هنڌ فرمايو آهي”۽ پوءِ آسمان (جي بنائڻ) ڏانهن توجھ فرمايو ۽ اهو
ان وقت) دونهون هو.سو ان کي ۽ زمين کي فرمايو ته اوهين ٻئي خوشيءَ سان اچو يا زور سان، ٻنهي عرض ڪيو: اسان خوشيءَ سان حاضر آهيون،سو ٻن ڏينهن ۾ ان جا ست آسمان بڻايائين ۽ هر آسمان ۾ ان جي مناسب پنهنجو حڪم (فرشتو) موڪليائين ۽ اسان هيٺين آسمان کي ستارن جي زينت ڏني ۽ ان جي حفاظت ڪئي. هي ان عزت واري ۽ علم واري جو ٺهيل آهي.“
(سورت حٰم السجده 12)
سورت الفرقان ۾ ذڪر آهي ته” هو(الله) جنهن ڇهن ڏينهن ۾ زمين ۽
آسمان کي ۽ سڀني شين کي بڻائي ڇڏيو جيڪي آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ آهي ۽ پوءِ پاڻ عرش تي ويٺو. ان جو شان ڪنهن ڄاڻڻ واري کان پڇو.“
(آيت59)
زمين بابت ذڪر آهي ”چئو ته ڇا تون ان جو منڪر آهين، جنهن زمين
کي ٻن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو ۽ ان زمين جي مٿان جبل ٺاهيا ۽ انهن ۾ برڪت رکي ۽ انهن ۾ قوت مقرر ڪئي چئن ڏينهن ۾.“
(سورت حٰم السجده آيت19)
رات ۽ ڏينهن بابت فرمان آهي ”اهوان لاءِ ته رات مان ڏينهن ۽ ڏينهن
 مان رات ڪرڻ وارو الله ئي آهي ۽ اهو الله ئي جنهن رات کي توهان لاءِ لباس ۽ ننڊ کي سڪون (موت) ۽ ڏينهن کي اٿڻ جو وقت بڻايو.“
(سورت الحج آيت61)
هن ڪائنات ۾ جنهن به شيءِ جو وجود اهي ان جو خالق رب العالمين 
آهي جنهن پنهنجي مرضيءَ موجب شيون خلقيون آهن. هيءَ ڪائنات رب جي حڪم سان ڇهن ڏينهن ۾ وجود ۾ اچي ويئي ۽ هن ڌرتي جي ڄمار ساڍن چئن ارب سالن کان وٺي پنج ارب سالن تائين آهي پر ان کي ضرورتن آهرسنوارڻ لاءِ هڪ ارتقائي مرحلي مان گذرڻو پيو. انسائيڪلوپيڊيا آف ريڊرز ڊائجسٽ مطابق هن ڌرتي کي سمنڊ جي پاڻي مان نڪتي ساڍا تيرهن ڪروڙ سال ٿي ويا آهن. سائنسدانن زمين جي عمل ۽ ان تي زندگي جي آغاز کي مختلف دورن ۾ ورهايو آهي. 

No comments:

Post a Comment