Thursday 5 March 2015

سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون قومون ۽ قبيلا“ صفه”13“


آسمان زمين،جبل،سج،چند، تارا ۽ ڪهڪشائون وجود ۾ اچي ويون پر
هتي زندگي جو آغاز ڪيترن اربن سالن کان پوءِ شروع ٿيو جنهن ۾ انسان ڪونه هو.زندگي جي ارتقا بابت ڊارون پنهنجي نظر ئي ۾ ٻڌايو آهي ته ”ٻوٽن ۽ جانورن جي ابتدا ۾ اها صورت نه هئي جيڪا اڄ آهي،انهن ۾ ڪروڙن سالن کان تبديليون اينديون رهن ٿيون. انهن تبديلين جو بنيادي سبب موسم ۽ جاگرافيائي حالتن جي ڦير گهير آهي، جيڪي ٻوٽا ۽ جاندار ان ماحول سان هم آهنگ نه ٿي سگهيا، اهي ختم ٿي ويا. اهڙا ٻوٽا ۽ جانور ان تبديلي سان گڏ پنهنجي جسم جي بناوت کي تبديل ڪندا رهيا. هي عمل ڪروڙن سالن کان جاري آهي، هي تبليون ايندڙ نسل ۾ به منتقل ٿينديون رهن ٿيون ۽ اهڙي طرح نئون نسل پنهنجي ماحول مطابق وڌيڪ تبديليون ڪندو رهي ٿو ۽ نيون نيون شيون پيدا ٿينديون رهن ٿيون. ڊاورن ان عمل کي فطري عمل ڪوٺيو آهي.ڊارون جو چوڻ آهي ته انسان،حيوان،وڻن ۽ ٻوٽن کي ڪنهن به نه خلقيو آهي. اهي ماحولياتي تبديلين جي ڪري وجود ۾ آيا آهن ۽ موجوده شڪل تائين پهتا آهن.
ڪتاب لکن ٿا ته شروعات ۾ زندگي جو وجود هڪ مادي مان شروع ٿيو
جتان زندگي مختلف روپ ورتا.ان وقت جي موسمي حالتن، گردشن،گئس جي ڦهلاءَ جي ميلاپ سان ارتقا جي مرحلا طئي ٿيندا ويا تان جومڇيءَ جي ڪنهن قسم جل ڀومي جو روپ اختيار ڪيو. آهي جل ڀومي جانور،ويڙهاڪ جانورن جا ابا ڏاڏا هئا. انسان جو اوائلي ابو ڏاڏو ڇھ ست ڪروڙ سال اڳ نوريئڙي جهڙو جانور هو، جيڪو وڻن جي ٽارين تي گذر بسر ڪندو هو. ماهر چون ٿا ته انسان ۽ ٻيا ڪيترا جانور پئدائشي طور هڪ جھڙي صورت ۾ هئا جيئن ڳئون،ڪڪڙ،ڪڇون ۽ مڇي. جيئن انهن جي نشونما ٿي ته انهن علحيده صورت اختيار ڪري ورتي. انهي نوريئڙي جهڙي جانور مان وڻن تي جھلندڙ باندر نما جانور جو بنياد پيو جيڪو اوائلي زماني ۾ هزارين فوٽ ڊگهن وڻن جي چوٽين تي رهندو هو،انهي جانور جي اولاد مان انسان آهي!
انسان جي تخليق بابت قومن جا مختلف نظريا ۽ عقيدا آهن پر قرآن
شريف ۾ انسان جي پئدائش، ان جي نسل ۽ سندس ڏاڏي جو ذڪر بلڪل مختلف آهي.الله تعالٰي انسان کي انسان جو صورت ۾ ئي پيدا ڪيوآهي. هو ڪنهن نوريئڙي،باندر يا ڪنهن مڇيءَ جو اولاد نه آهي. هو هڪ مڪمل انسان جي صورت ۾ آندو ويو آهي. اهو برابر آهي ته هر هڪ خطي ۾ انسان جو معاشرتي سلسلو ۽ منهن مهانڊا الڳ الڳ آهن.قرآن شريف ۾ حضرت آدم عليه السلام جي پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ ذڪر آيو آهي ته:
”اسان انسان کي،کڙڪندڙ ڳويل مٽيءَ جي سڪي گاري مان ٺاهيو ۽ ان
کان اڳ ۾ اسان جنهن کي باھ جي اُلي مان پيدا ڪري چڪا هئاسين. پوءِ ياد ڪر ان موقعي کي جڏهن تنهنجي پالڻهار فرشتن کي چيو: آءٌ ڪني، ڳريل مٽيءَ جي سڪي گاري مان هڪ بشر پيدا ڪري رهيو اهيان، جڏهن آءٌکيس پورو بنائي ڇڏيان ۽ منجهس پنهنجي روح مان ڪجھ ڦوڪيان ته توهان سڀ سندس اڳيان سجدي ۾ ڪري پئجو، پوءِ سڀني فرشتن سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي، جنهن سجدو ڪرڻ وارن جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪيو.“
(سورت الحج آيت26کان31) 
 
 
 

Sunday 1 March 2015

سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون قومون ۽ قبيلا“ صفه”12“



اسان زمين تي جبل ٺاهيا ته زمين انهن (ماڻهن) کي وٺي هلڻ نه لڳي.ان ۾ ويڪرا رستا ٺاهيا (جيئن) شايد ماڻهو پنهنجي رستو معلوم ڪن ۽ اسان آسمان کي هڪ محفوظ ڇت ٺاهيو پر هي آهن جيڪي انهن نشانين طرف توجه ئي نه ٿا ڪن ۽ اهو الله ئي اهي جنهن رات ۽ ڏينهن ٺاهيو، سچ ۽چنڊ پيدا ڪيو، سڀ هڪ هڪ فلڪ ۾ تري رهيا آهن.“
قرآن شريف جي سورت مريم ۾ وڌيڪ ذڪر هيئن آهي”اهورب آهي 
آسمان ۽ زمين جو ۽ انهن سڀني شين جو جيڪي آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ آهن.الله  تعالٰي پهريون آسمان خلقيو ۽ پوءِ زمين کي پيدا ڪيو ۽ ان (آسمان) کانپوءِ زمين کي وڇايو.“
(سورت النازعات آيت30)
ٻي هنڌ فرمايو آهي”۽ پوءِ آسمان (جي بنائڻ) ڏانهن توجھ فرمايو ۽ اهو
ان وقت) دونهون هو.سو ان کي ۽ زمين کي فرمايو ته اوهين ٻئي خوشيءَ سان اچو يا زور سان، ٻنهي عرض ڪيو: اسان خوشيءَ سان حاضر آهيون،سو ٻن ڏينهن ۾ ان جا ست آسمان بڻايائين ۽ هر آسمان ۾ ان جي مناسب پنهنجو حڪم (فرشتو) موڪليائين ۽ اسان هيٺين آسمان کي ستارن جي زينت ڏني ۽ ان جي حفاظت ڪئي. هي ان عزت واري ۽ علم واري جو ٺهيل آهي.“
(سورت حٰم السجده 12)
سورت الفرقان ۾ ذڪر آهي ته” هو(الله) جنهن ڇهن ڏينهن ۾ زمين ۽
آسمان کي ۽ سڀني شين کي بڻائي ڇڏيو جيڪي آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ آهي ۽ پوءِ پاڻ عرش تي ويٺو. ان جو شان ڪنهن ڄاڻڻ واري کان پڇو.“
(آيت59)
زمين بابت ذڪر آهي ”چئو ته ڇا تون ان جو منڪر آهين، جنهن زمين
کي ٻن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو ۽ ان زمين جي مٿان جبل ٺاهيا ۽ انهن ۾ برڪت رکي ۽ انهن ۾ قوت مقرر ڪئي چئن ڏينهن ۾.“
(سورت حٰم السجده آيت19)
رات ۽ ڏينهن بابت فرمان آهي ”اهوان لاءِ ته رات مان ڏينهن ۽ ڏينهن
 مان رات ڪرڻ وارو الله ئي آهي ۽ اهو الله ئي جنهن رات کي توهان لاءِ لباس ۽ ننڊ کي سڪون (موت) ۽ ڏينهن کي اٿڻ جو وقت بڻايو.“
(سورت الحج آيت61)
هن ڪائنات ۾ جنهن به شيءِ جو وجود اهي ان جو خالق رب العالمين 
آهي جنهن پنهنجي مرضيءَ موجب شيون خلقيون آهن. هيءَ ڪائنات رب جي حڪم سان ڇهن ڏينهن ۾ وجود ۾ اچي ويئي ۽ هن ڌرتي جي ڄمار ساڍن چئن ارب سالن کان وٺي پنج ارب سالن تائين آهي پر ان کي ضرورتن آهرسنوارڻ لاءِ هڪ ارتقائي مرحلي مان گذرڻو پيو. انسائيڪلوپيڊيا آف ريڊرز ڊائجسٽ مطابق هن ڌرتي کي سمنڊ جي پاڻي مان نڪتي ساڍا تيرهن ڪروڙ سال ٿي ويا آهن. سائنسدانن زمين جي عمل ۽ ان تي زندگي جي آغاز کي مختلف دورن ۾ ورهايو آهي.