Thursday, 12 February 2015

سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون قومون ۽ قبيلا“ صفو6“

اهڙي طرح شيدي ۽ مڪراني چون ٿا ته،”هو اسان مان هو، پر حقيقت اها آهي ته هو نه بلوچ آهي نه خاصخيلي نه شيدي ۽ نه مڪراني، هن جو اصل ۾ قريش قبيلي سان تعلق هو، سندس قبر لسبيلي واري علائقي ۾ آهي جتي هو فوت ٿيو. هو ڪنهن بلوچ فوج جو جرنيل نه پر عرب فوج جو سپھ سالار هو. مولائي مرحوم کي ڪٿان الهام ٿيو ته هو بلوچ هوان جو ڪوبه حوالو ڪونهي ۽ نه ئي وري تاريخ جي ڪتابن ۾ هن کي بلوچ يا بلوچ فوج جو سپھ سالار چيو ويو آهي.“
اهڙي طرح هن سنڌ جي جتن سان گڏ بلوچن کي به گڏي ڇڏيو جن  جنگ قادسيه ۾ ايرانن جي شڪست کان پوءِ اسلام قبول ڪيو هو. تاريخن واضع نموني لکيو آهي ته اهي زط معنيٰ سنڌي جت هئا، پر مولائي شيدائي انهن سان بلوچ کي الاهي ڪاڏانهن آڻي گڏ ڪري ڇڏيا، اهڙي طرح بروهن ۽ بلوچن هٿان سمه سلطنت جي حاڪم جي شڪست جوذڪر ڪيو آهي ته،”اهو ڪوڙ ڳالهايو آهي جنهن جي اڄ تائين ڪابه ثابتي ڪونهي.“اهڙي طرح هن سنڌي قبيلن سان هڪ غلط بياني جو آغاز ڪيو. جڏهن ته انهي دئورن ۾ سنڌ ۾ بلوچن جو ڪوبه نانءٌ ۽ نشان ڪونه هو. مولائي شيدائي سنڌي قبيلن وارن سان ويساھ گھاتي ڪئي، ان کانپوءِ موجوده دئور ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ته حد ڪري ڇڏي آهي. هن جي عينڪ جو نمبر بلوچ نمبر آهي ۽ سنڌ ۾ سنڌي ماڻهون، فرد، ذاتيون ۽ قبيلا ڳولهيا به نٿا ملن. هن سنڌي سورمن کي غلط ۽ من گهڙت روايتن جي بنياد تي غير سنڌي قرار ڏنو آهي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن هڪ طبقو باقاعده رٿابندي سان سنڌي قبلين جي حقيقت، بڻ بنياد ۽ حسب نسب سان هٿ چراند ڪندو رهي ٿو، انهي صورتحال ۾ اهو ضروري نه پر لازم آهي ته سنڌي قبيلا، پنهنجي نسلياتي سڃاڻپ ڪرڻ وارن جو نه رڳو احتساب ڪن پر انهن جي غلط بياني جي ڀرپور مزاحمت ڪن، جيئن مستقبل ۾ پنهنجي قومي حيثيت بر قرار رکي سگهن.
سنڌي قبيلا ۽ اتيون سنڌ جي جا گرافيائي بيهڪ سان به سڃاڻا ويندا آهن، جيئن ٿري، لاڙي، چولائي، ڪڇي، اترادي،ڪوھستاني ۽ ڪاڇائي. اهڙي طرح سنڌي جي اولھ ۾ کيرٿر جبل جي سلسلي ۾ رهندڙ سنڌين کي ٻروچ چيو ويندو آهي، جيڪو بنيادي لفظ ”بل“ ۽”لوچ“ مان نڪتل آهي. ”ٻل“ معنيٰ ”سگھ، طاقت“ ، ”لوچ“ جي اصطلاحي معنيٰ آهي،”سينو“ مطلب ٿيو ”سيني جي طاقت“. فوج جو هر اول دستو، بچاءٌ ۽ دفاع ڪرڻ وارن جو رستو جيڪي ڪنهن به ڪاھ کي وطن جي اندر پهچڻ کان اڳ ۾ روڪڻ وارا، مهاڏو اٽڪائڻ وارا، رستو روڪڻ وارا،پر ڪن عالمن انهن کي به بلوڇن ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو مفهوم عام ڦهلائي ڇڏيو آهي ته ٻروچ معنيٰ بلوچ ۽ بلوچ معنيٰ ٻروچ پر حقيقت ۾ ايئن نه آهي.تاريخ راءِ گھراڻي کان به اڳ ۾ سنڌ جي اولهندي واري سرحد کان ايراني ۽ پوءِ عرب سنڌ تي ڪاھي آيا جيڪي جبلن جي لڪن کي يار ڪري سنڌ جي شهرن ۽ تخت گاھ تي پهچندا هئا. جيهن جي حملن کي منهن ڏيڻ ۽ روڪڻ
ايازڀاڳت
 

Wednesday, 11 February 2015

سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون قومون ۽ قبيلا“ صفو”5“


جتي علمي مدد ڪرڻ وارا مهربان ۽ سڄڻ مليا اتي اهي به هئا جن وٽ معلومات ۽ ڄاڻ نه هئي پر هو پنهنجي طرفان ڪجھ به ٻڌائڻ لاءِ تيار نه هئا سندن خيال هو ته انهن جي ڄاڻ مان ٻيو ڪوئي فائدو يا لاڀ ڇو حاصل ڪري،شايد اهو به خيال هجين ته هو پنهنجي ذات متعلق اهڙو ڪتاب لکن، اتي اهڙا به مهربان مليا جن جو خيال هو ته ذات جي پاڙي جي به خبر نه هئي. اهڙي صورتحال ۾ جهر، جھنگ، شهر،واهڻ ۽ وٿاڻ جاڳڻ نه صرف تڪليف ده هئا پر اجايا پڻ هئا، ان هوندي به ڪوشش ڪئي ته ڪٿان نه ڪٿان ذري برابر معلومات ملي وڃي ته بهتر آهي. جنهن ذات ۽ قبيلي وارن کي پنهنجي نسلياتي ڄاڻ نه هجي ۽ نه وري ان ۾ دلچسپي هجي ته انلاءِ ڇا چئي سگهجي ٿو.جنهن کي پنهنجي حسب ۽ نسب جي ڄاڻ نه آهي اهو ھڪ جانور ۽ ڊور وانگر آهي.
ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ ذات،حسب،نسب ۽ قبيلائي سڃاڻپ، جو
ذڪر ڪيو آهي،جيئن پاڻ کي سڃاڻي سگهجي. پر افسوس ته سنڌي قبيلن سان تعلق رکندڙ ان جي اهميت کان اڻ واقف آهن، ۽ مستقبل ۾ اهڙو وقت به اچي سگھي ٿو ته جڏهن سنڌي قبيلا پنهنجو حسب نسب ۽ سڃاڻپ وساري ڪنهن ڌارئي ذات يا قبيلي جو بڻ بنياد بڻجي وڃن ۽ ان جو نتيجو اهو نڪري ته سنڌ ۾ سنڌي اقليت تبديل ٿي وڃي ۽ ڳاڙهن ۾ سنڌين کان وڌيڪ حالت خراب ٿي وڃي ۽ سنڌ جي مالڪي تان هٿ ڌوئڻان پون ته اهو وقت ڪهڙو نه خراب هوندو؟! 
 سنڌي نسل جا ماڻهو، فرد(ذاتين وارا) ۽ (َقبيلن وارا) پنهنجي جي احساس ذميواري نه نڀائڻ جي ڪري غلام ٿي ويندا يا ڌرتي ڌڪاڻا ٿيندا. انهي ڪري سنڌ جي خاص ڪري سنڌي قبيلن جي ذميوار ۽ سڃاڻ فردن جو ذمو آهي ته هو پنهنجون ذميواريون وقت سر ۽ مهل سان نڀاهي پنهنجي مستقبل کي بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن. ڪٿي ائين نه ٿئي ته سنڌي ماڻهو رڳو مثالن ۾ رهجي وڃون!!
 سنڌي قبيلي سان نسلياتي ويساھ گهاتي جو بنيادي مرحوم رحيم داد
مولائي شيدائي وڌو، جنهن سنڌيءَ جو روپ اختيار ڪري غلط بياني جي شروعات ڪئي ۽ جنت السنڌ ڪتاب ۾ انتها ڪري ڇڏي. هن هڪ هنڌ لکيو آهي ته محمد بن هارون مڪراني سان ٽي هزار جانباز بلوچ هئا ۽ کيس بلوچ جرنيل ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،هيءٌ اهو محمد بن هارون آهي جن لاءِ خاصخيلي جي دعويٰ آهي ته هو خاصخيلي هو.
ايازڀاڳت

Monday, 9 February 2015

”سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون قومون ۽ قبيلا“ صفو”4“

جيءَ مان


(ٻي ڇا لاءِ پيش لفظ)

هيءٌ ڪتاب”سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون، قومون ۽ قبيلا“ جي پهرين ايڊيشن کي توقع کان وڌيڪ موٽ ملي جنهن ڪري هن جو ٻيو اڊيشن جلد ڇپائي هيٺ آڻڻو پيو. هن ايڊيشن ۾ نه رڳو سڌاريو ڪيو ويو آهي پر ان سان گڏ ان ۾ اهم ذاتين جو پڻ اضافو ڪيو ويو آهي.
پهرين ايڊيشن جي ڇپجڻ کان پوءِ جهڙي نموني سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڀرپور موٽ ملي اها به خلاف توقع هئي. سوين خط ۽ موبائيل فون منهنجو حوصلو وڌائي ڇڏيو ته مان ان موضوع تي وڌيڪ تحقيقي ۽ علمي ڪم ڪريان جنهن ڪري مون سنڌ جي مختلف دوستن ۽ ساٿين سان معلوماتي رابطو وڌايو ۽پنهنجي سر انهيءَ ڪم ۾ جنڀي ويس. جنهن کان پوءِ ڄاڻ ۽ معلومات ۾ ايترو اضافو ٿيو جو هن جا پيج ڪتاب يعني پنج جلد لکي سگهجن ٿا، جيڪي انشاءالله تعاليٰ وقت سر سڄڻن جي هٿن ۾ هوندا.
جتي هن ڪتاب جي ساراھ ۽ تعريف ٿي اتي تنقيد به ٿي،ڪنهن کي حقي
 نه آئي، ڪنهن کي سچ نه وڻيو، پر ان جي باوجود به سنڌ مان صرف اهڙا ٽي دوست هئا جن مان هڪ دوست ملڪ محسن خاصخيلي اهو لکيو ته،”خاصخيلي ذات جو هڪ ته احوال نهايت مختصر آهي ۽ اهو حقيقت تي ٻڌل نه آهي. سندس خيال هو ته خاصخيلي قريشي عرب آهن ۽ ائين لکيو وڃي.“ پر منهنجي تحقيق ۽ علمي طور جيڪا ڄاڻ هئي ان مطابق مون گذارش ڪئي آهي، جيئن پڙهندڙ پاڻ پڙهي، منصفانه فيصلو ڏيئي سگهن. ٻي دوست خيرپور جي الله بخش گوپانگ کي سنڌي ٿيڻ تي ڏاڍي چڙ۽ ڪاوڙ هئي،جنهن پنهنجي طرفان ڪن ڪتابن جا حوالا ڏياري موڪليا پر ان دوست ساڳن ڪتابن کي شايد اڳتي نه پڙهيو هو. ان کانسواءِ نوابشاھ جي شوڪت جوڻو صاحب جو رايو هو ته جوڻو ذات وارا نسلن سنڌي نه آهن ۽ هنن جو تعلق يونان سان آهي.
باقي بن سون مهربانن ، اهڙي ڪتاب لکڻ تي نه رڳو واڌايون ۾ پنهنجي ڀرپور سهاري جو واعدو ڪيو. انهن ۾ خاص طور تي محترم غلام محمد لاکو صاحب،محترم حاجي خان چاچڙ، ڪنڌ ڪوٽ، محترم راجا آفتاب ڀٽي نوابشاھ، محترم ماستر محمد صادق پالاري جھمپير، محترم منور ارباب هالو ڪراچي، محترم رحيم جوکيوم ٺٽو۽ ٻيا نمايان آهن جن نه رڳو علمي معلومات ۾ اضافو ڪيو پر مفيد مشورا به ڏنا، انهن کانسواءِ آءٌ محترم عطا محمد ڀنڀرو،غلام عباس ڀنڀرو ، خيرپور محترم گل حسن ڪلمتي ڪراچي، محترم غلام نبي لاکو قاضي احمد، محترم عبدالقيوم لطيفي نوناري ٽنڊو محمد خان، محمد فقير محمد مقيم ڪنڀار مٺي،محترم راجا سرور سلهريا جھلم، ،حترم مهر محمد ٻخش نول فيصل آباد، محترم گل حسن سيٺارميرپور ماٿيلو، محترم اميد علي سيٺو ٽندو محمدخان۽ ٻيا سوين مهربان ساٿي جن علمي طور ساٿ ڏنو جو هن ڪتاب لکڻ جي لائق ٿيس.
ايازڀاڳت 

Sunday, 8 February 2015

”سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون قومون ۽ قبيلا“ صفو 3"


آرين واري سماج ۾ جن سنڌين آڻ نه مڃي۽ آخر تائين وڙهندا رهيا تن کي داسيو ۽ شودر سڏيوويو. انهي دور ۾ يقيناََ ڪيتريون ذاتيون پنهنجو پيشو بدلائي زندگي جو گذر بسر ڪرڻ لڳيون جنهن ڪري انهن جون اصل ذاتيون نون نالن سان سڏجڻ ۾ آيون، اڄ به هندوستان ۽ سنڌ ۾ آرين جي دور جون قديم ذاتيون ۽ قبيلا موجود آهن. اهڙي طرح جڏهن عرب سنڌ تي جاهي آيا ته هتان جي ماڻهن جن جو اصل مذهب ”ٻڌ“هو تن برهمڻ سماج ۽ مذهب کان نفرت ڪرڻ سبب اسلام قبول ڪيو ۽ انهن پنهنجو حسب نسب عرب سان ڳنڍي ڇڏيو، ويتر جو انهن هڪ ٻئي سان مٽيون مائٽيون ڪيون ته اصل نسب گم ٿي ويو ۽ عرب نسل وارن جي گھڻائي نظر اچڻ لڳي جنهن ڪري ڪتابن ۾ بغير ڪنهن تحقيق ڪرڻ جي اصل مقامي ماڻهن کي عرب نسل جو لکيو ويو ۽ سندن شجرو ڪنهن عرب جي معتبر ۽ بااثر ماڻهو، ڪٽنب يا قبيلي سان ڳنديو ويو، جيئن پنهور دائي حليمان جو اولاد چورائن ٿا. سماٽ جو شجرو قريش قبيلي سان ڳنڍيو ويو، سومرن کي سامره لکيو ويو. اهڙي طرح سان سنڌ جو اصل ۽ قديم نسل ڳوليو به نّّظر نه آيو. 
سنڌ جي اصل تاريخ اڄ تائين مڪمل نه ٿي سگهي آهي جنهن ڪري هتا
جي ماڻهن ۽ نسل بابت حتمي ۽ هڪ  راءِ جڙي نه سگهي آهي. جيڪو ڪجھ لکجي ڇپجي اسان جي سامهون آيو آهي اهو انهن مور خن ۽ ليکڪن جي معلومات آهر آهي جن قبيلن جي روايتن،قصن،ڪهاڻين ۽ ڏندڪٿائن مان حصل ڪيو آهي. اهي قصا ۽ ڪهاڻيون وقت جي حالتن موجب تنديل ٿيندا رهندا آهن، جنهن ڪري سنڌ جي قبيلن ۽ذاتين جو اصل نسب سنڌ جي اوائلي قومن بدران ٻاهرين ۽ زورآرو قومن سان ڳنڍيو ويو.
نسل جي نسب مٽجڻ يا نسبي سڃاڻپ بدلائڻ جا هيٺيان سبب آهن؛

  1. سنڌين جون غيرن سان مٽيون مائٽيون ڪرڻ، جيئن عربن ۽ سنڌين هڪ ٻئي کي سڱ ڏنا ۽سنڌين جا ناناڻا عرب ٿي ويا جن جي بادشاهت اسپين کان وٺي سنڌ تائين قائم هئي. اها حڪمران قوم هئي، جنهن ڪري سنڌين پنهنجي ذات بدران ناناڻن واري عرب ذات جو سڏرايو جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته ٻن ٽن پيڙهين کان پوءِ پنهنجي اصليت جي خبر ڪونه رهي.
  2. تاريخ نوريسن جون غلط فهميون جن جنهن به قبيلي ۽ ڪٽنب کي بهادر ڏنو تنهن کي ڪنهن غير ملڪي بهادر قبيلي سان ڳنڍي ڇڏيو.
  3. هڪ قبيلي جو ٻي قنيلي سان گڏ رهڻ ڪري، گھٽ تعداد وارن جو گھڻي تعداد وارن ۾ شامل ٿين.
  4. پاڻ کي ڪنهن به سبب ڪري گھٽ ذات سمجھڻ، انهيءَ ڪري ڪنهن ٻي وڏي ذات وارن مان چورائڻ.
  5. غيرن ۽ڌارين جي مسلسل اچڻ ڪري، حمله آورن جي عذاب کان بچڻ لاءِ ذات کي تبديل ڪرڻ، ڪنهن به ڌاري ذات وارو سڏائڻ.
هنن ۽ ٻين ڪيترن سببن ڪري هتي ذاتيون، مختلف قبيلن ۽ هڪ جهڙيون نظر اچن ٿيون. دنيا جي ڪابه قوم خالص نسل رهي ئي ڪونه آهي جو سنڌ وارن کي خلص نسل سڏجي پر جيئن ته هتي پدري نّظام رائج آهي تنهن ڪري نسل به ان جو سڏجي ٿو، انهي ڪري پڪ سان چئون ٿا ته سنڌ ۾ رهندڙ اوائلي ذاتين جو نسب،ڌارين جي لوڌن جي اچڻ باوجود اڄ به اڪثريت سان آهي،جيڪي ڪٽنب،خاندان،پاڙي،ذات قبيلي ۽ هڪ سنڌي قوم جي صورت ۾ رهن ٿا. 

 اياز ڀاڳت






Saturday, 7 February 2015

”سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون قومون ۽ قبيلا“ صفو 2"


هت اهو رواج ۽ دستور بڻجي ويو آهي ته اڪثر عالمن کي سنڌ ۾ هر شيءِ ٻاهر کان ايندڙنظرايندي آهي. جيڪڏهن سنڌ کي آباد ڪندڙ ٻاهران آيا، سنڌ جي تهذيب جو بنياد ڌارين وڌو ته پوءِ انهن کي سنڌ جون قومون ۽ سنڌ جي تهذيب ڪيئن سڏيون، انهن کي ته آسٽريلوي، منگولي، آرين، سٿين، ايراني، عراقي وغيره ماڻهن جي تهذيب سڏڻ گھرجي! سنڌ جو نالو سنڌ نه پر انهن مان ڪنهن هڪ جي نالي پويان سڏڻ گھريو هو! حقيقت اها آهي ته اهو رواج ۽ پيروي بڻجي ويئي آهي ته جتي به پهريان جيڪا شيءِملندي آهي، ان جي پويان ملندڙ شيون ان جي نالي پويان سڏيون وينديون آهن ۽ اهو نه ڏٺو ويندو آهي ته پهرين شيءِ قديم آهي يا ٻي ملندڙ شيءِ ان کان به قديم!
اولھ جي اڪثر ماهرن سنڌ جي قديم قومن کي غير ملڪي قرار ڏنو آهي. ان جو مطلب ته هي ڌرتيءَ جو ٽڪرو خالي يا ويران هو! جڏهن ته اصليت اها آهي ته هي ڌرتي انسان جي ماتر ڀومي آهي دنيا جي پهرين مقتول ۽ قاتل هابيل ۽ قابيل جو تعلق هن ڌرتي سان هو، جنهن جو ثبوت ڪانءٌ جو سبق ۾ ملي ٿو، جنهن جو ذڪر ڪتاب ۾ ملندو. حضرت آدم عليه السالام سان مور جو به ذڪر ٿيل آهي. مور شروع کان وٺي سنڌ ۾ آهي. يورپ وارن کي مور جي ڄاڻ سڪندر مقدوني جي اچڻ کان پوءِ پئي جڏهن اهو پکي تحفي طور اوڏانهن اماڻيو ويو. سميرين جي ڪتبن ۾ مور متعلق ڪوبه ذڪر ڪونهي پر مهين وارين مهرن تي ٻيڙيءَ ۾ ويٺل مور نظر اچي  ٿو جيڪو سنڌي مهاڻا پاڻ سان گڏ کڻي ويندا هئا.
سنڌ کي آباد ڪندڙ سنڌي هئا جيڪا هنن جي ماتر ڀومي هئي، انهي خاصيت ڪري ته هي مهمان نواز هئا، اها خوبي ۽ خصلت اڄ به اها آهي جيڪا هزارين سال اڳ هئي. ،هين واري گاڏي اڄ به واهڻن ۽ ڳوٺن ۾ ،وجود آهي. ،هين جا ماڻهو پاڻيءَ کي زندگيءَ جو سرچشمو سمجھندا آهن، اڄ نه اها صورتحال آهي. قرآن شريف ۾ صاف صاف چيل آهي ته ”هر جاندار شيءِ پاڻيءَ مان پيدا ڪئي ويئي آهي“.انهي ڪري پهريان انسان پاڻيءَ کي آب حيات ۽ زندگي جو سرچشمو سمجھي ان جي عبادت ڪئي. مهين وارن حوضن ۽ گھر گھر کوهن واري رواج ثابت ڪيو آهي ته قديم سنڌين وٽ پاڻي جو ڪيڏو نه قدر هو، سنڌ جا پهريان پروهت پاڻيءَ جا پوجاري هئا. اڄ تائين پاڻي جي پوجا جي رسم گنگا ۽ جمناتي ادا ٿيندي اچي ٿي. سنڌ ۾ سنڌوءَ تي ائين ٿيندو هو پر جڏهن هت مسلمانن جي گھڻائي ٿي ويئي ته اها رسم ختم ٿي ويئي. لڪيءَ جي چشمن ۽ منگھي پير وٽ پاڻي جا پوجا ٿيندي هئي انهي کانسواءِ سکر وارو ساڌ ٻيلو پڻ پاڻي جي پوجا جو مثال آهي.
توريت ۾ جنت مان نڪتل جن چئن دريائن جو ذڪر ٿيل آهي انهن مان هڪ سيحون نالي آهي. عالمن جو چوڻ آهي ته اهو سنڌو دريا آهي.
اياز ڀاڳت 
 

Friday, 6 February 2015

”سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون قومون ۽ قبيلا“ صفو 1


۽ڪجھ
قومن، قبيلن، ذاتين ۽ خاندانن جي حسب نسب جي تڏهن ضرويت پوندي آهي جڏهن انهن مان قومي غيرت ۽ سڃاڻپ  ختم ٿي ويندي آهي يا ان جا آثار ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهن. سنڌ ۾ پنهجي ذات بدلائڻ يا ڪنهن ٻي ذات وارو سڏرائڻ يا وري ٻي ڪنهن قوم قبيلي سان پنهنجو نسب ملائڻ جو رواج ٿي ويو آهي.مون کي محسوس  ٿئي ٿو ته هڪ ڏينهن سنڌ ۾ سما، جت ۽ مهاڻا قبيلي سان نسبت ٻڌائڻ وارو هڪ به نه هوندو، انهي صورتحال  ۾ سنڌي قبيلن جي نسل مان هجڻ با وجودسنڌين جو وجود ختم ٿي چڪو هوندو ۽ ٻين قومن وانگر انهنجو ذڪر ڪتابن ۾ حوالن طور ملندو. انهي ڪري مان محسوس ڪيان ٿو ته سنڌين کي پنهجي نسب جي ڄاڻ متعلن جيڪا ضرورت اڄ آهي اها آرين،ايرانين،منگولن،يونانين،عربن،مغلن،ارغونن،ترخانن۽ٻين ڌارين جي وقت ۾ ڪونه هئي،ڇاڪاڻ ته اهي هڪ ته ايڏي وڏي تعداد ۾ هت ڪو نه آيا هئا ۽ ٻيو وري هنن پنهنجي ذات ۾ سنڌين کي زوري شامل ڪونه ڪيو هو.البته اڳتي هلي اهي ئي سنڌي قبيلن،ذاتين ۽ماڻهن سان شامل ٿي ويا پر اڄ هر طرف کان سنڌ جي قبيلن وارا پنهنجو وجود وڃائي رهياآهن۽ٻين قومن جو حصو ٿي رهيا آهن، اهو عمل اسان کي زوال طرف وٺي وڃي رهيو آهي.
انهيءَ صورتحال جي ڪري ضروري ٿي پيو ته سنڌي قومن،قبيلن،ذاتين متعلق جيڪا معلومات ملي سگھي ان کي گڏ ڪري سندن حسب نسب سامهون آڻجي. اهو ڪم ڏاڍو ڏکيو هو پر مان پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪئي آهي ته جيترو ممڪن ٿي سگھي سنڌين جي اصل ذاتين بابت تفصيل گڏ ڪري سندن نسب نامون سامهون آڻجي جيڪا انهن جي سڃاڻپ آهي.آءٌ سمجهان ٿو ته ان سلسلي ۾ مون کان ڪيتريون ڪوتاهيون ۽ غلطيون به ٿيون هونديون ۽ ڪٿي معلومات به اڻ پوري هوندي. جيئن ته هيءَ منهنجي شروعاتي ڪوشش آهي، ان ڪري جنهن به پڙهندڙ ۽ عالم حضرات کي جيڪا ٻه معلومات هجي، ڪابه درستگي ڪرڻ ضروري سمجهڻ ته منهنجي رهنمائي ڪرڻ فرمائين. ان لاءِ ضروري حوالن۽ معلومات سان تفصيل لکي مڪلين جيئن مان اڳتي ان کي درست ڪري واڌارو ۽ سڌارو آڻي سگهان.
اياز ڀاڳت